راڻيپور )رپورٽ حيدر علي عمراڻي ) ڳوٺ غلام حسين جهنڊيل جو رهواسي ارڙهن ورهين جي نوجوان سهيل احمد جهنڊيل روھڙي ڪينال جي پل تي خيرات وٺندڙ فقيرن کي شناختي ڪارڊ ڏئي روهڙي ڪينال جي اونهي پاڻيء ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي. سندس وارثن مطابق ته نوجوان جي ذھني توازن ٺيڪ نه هو جڏهن ته ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته نوجوان جي مڱڻي ٿيل هئي شادي ڪرائڻ ۾ دير ڪرڻ تان گهران ناراض ٿي نوجوان سهيل جهنڊيل وڏو خطرناڪ قدم کڻي پنهنجي زندگي جو انت آندو.










