سگهڙن جي سرواڻ جو احتجاج، ڪتاب سنڌوءَ ۾ لوڙهي ڇڏيا

ڪرمپور( ڪريم بخش ملڪ) هي همراه جيڪو سنڌو درياءَ ۾ نظر اچي ٿو سو نه ڪوئي ملاح آهي،نه ڌوٻي آھي،نه وري ڪو درٻاري سگهڙ آھي،هي سگهڙن جي نمايان تنظيم (سلات) جو باني ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق ۽ مصنف سنڌ جو بهترين سگهڙ عاجز رحمت الله لاشاري آھي.جنهن جي تنظيم سلات جا سگهڙ سنڌ سان گڏ بلوچستان ۽ پنجاب ۾ سنڌي ٻولي،ثقافت ۽  لوڪ ادب جي اوسر لاءِ هڙان وڙان خرچ ڪري پنهنجي لوڪ ورثي کي نئين نسل تائين پهچائڻ ۾  پاڻ پتوڙي رهيا آھن. اهو عاجز رحمت الله سنڌي ٻولي ثقافت ۽  لوڪ ادب سان ادبي ادارن ۽ ثقافت کاتي طرفان ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪرڻ تي انوکو احتجاج ڪندي پنهنجا 2 سو ڪتاب سنڌو درياءَ جي وهڪري ۾ وهائي رهيو آهي. تخليقڪار کي هڪ هڪ سٽ اولاد جيئان عزيز هوندي آھي پر جڏھن قدردان مري ويندا آھن يا ادبي ادارن ۾ نااهل ويهندا آھن ته ائين ٿيندو.  عاجز رحمت الله لاشاري سان دوستن جا ذاتي اختلاف پنهنجي جڳهه تي پر هن جي ادبي پورهيي سان صرف درٻاري سگهڙ ئي اختلاف رکن ٿا باقي جيڪي حقيقي اديب دانشور، شاعر ادب دوست سگهڙ هن سان سهڪار ۾  گڏ آھن.

درٻارين جي اختلاف جي وڏي وجهه اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته تنظيم سلات جي اچڻ کان اڳ ٻيون به سگهڙ تنظيمون هيون ۽ آھن به،پر انهن تنظيمن ۾ اقرباپروري،پنهنجا نواز پاليسي سان گڏوگڏ ناني ويڙھو گهڻو هو،جڏھن به ڪو سرڪاري  ٽي وي پروگرام يا صوفين بزرگن جي درگاهن تي انهن جي عرس ۾ سرڪاري پروگرام ٿيندو هو ته هو پنهنجا ويجها ويجها ماڻھو موڪليندا هئا،جن ۾ پٽ ڀائر،ڀيڻيا،ڀائٽيا،ڀآڻج،۽ ڄاٽا شامل هئا،اها ڳالهه مان پنهنجي طرفان نه بلڪه شاه عبدالطيف ڀٽائي رحمت الله عليه ۽ سچل سائين توڙي لال شهباز قلندر رح جي عرس جي پرگرامن ۾ ڪيترائي ڀيرا انهن تنظيمن مان تنگ ٿيل سگهڙن اسٽيج تي اچڻ  وقت پنهنجي خيالن جي اظھار ۾ پڻ ڪئي آھي.عاجز رحمت الله لاشاري انهن جو نني ويڙھو ٽوڙيو، هڪ هٽي ختم ڪئي،انهن جي موروثي سگهڙائپ جي تڏا ويڙھ ڪئي، هن وقت رحمت الله بنا ڪنهن فرق جي سڀني سگهڙن جي دائمي فائدي لاءِ جاکوڙي رهيو آھي.هن جيڪي ادبي ادارن ۽ ثقافت کاتي کان مطالبا ڪيا آھن سي سڀئي سنڌي ٻولي ثقافت ۽ لوڪ ادب جي بقا لاءِ ڪيا آھن.انهن ۾ ڪو هڪ به مطالبو هن جي ذاتي فائدي لاءِ ڪونهي. عاجز جي اهڙي احتجاج جي مالڪي نه ڪرڻ   ادبي ادارن ۽ ثقافت کاتي جي سڌي سنئين سنڌي ٻولي ثقافت ۽ لوڪ ادب دشمني جو چٽو مثال آھي.مذڪوره ادارن کي خبر آھي ته سگهڙ پنهنجي پروگرام جي ابتدا الله سائين جي ڪلام پاڪ سان ڪري حمد  باري تعاليٰ نعت شريف ۽ پنجتن پاڪ جي ثنا پڙھندا آھن شايد کين اهي ڳالهيون انهن کي پسند ناهن ڇو ته دين کان دوري اختيار ڪرڻ وارن کي اهي ڳالهيون ناهن وڻنديون  اها ڳالهه صاف ظاهر آھي ته سگهڙن وٽ ادب ۽ اخلاق وارو مواد  آهي عام شاعرن وانگر چمي ڏي تنهنجا ڳل گلابي جهڙا پريمي ۽ پريمڪا جهڙا واهيات شعر ناهن هوندا. عاجز رحمت الله جي ٻين سينيئر سگهڙن کان لوڪ ادب جي دنيا ۾ عمر ڀلي ننڍي آھي پر هن ٿوري ئي ٽائيم ۾ لوڪ ادب جو تمام وڏو ڪم ڪيو آھي هن ڇڙوڇڙ سگهڙن کي هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪري ڏيکاريو عاجز لاشاري ڪنهن ايوارڊن يا وظيفن جو بکيو ناهي هن پاڻ ئي اهڙو اظھار ڪيو آھي ته مونکي وظيفو نه کپي وظيفو وڃي مستحق سگهڙن کي ڏيو ان مان صاف ظاهر آھي ته هو پنهنجي ذات جي لاءِ نه پر لوڪ ادب لاءِ جاکوڙي ٿو.عاجز لاشاري  لوڪ ادب جي بقا لاءِ اهڙي پوک پوکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي جنهن جو فصل حمايتي توڙي مخالف لوڪ ادب جو تاحيات فائدو حاصل ڪندا رهندا. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته ان لوڪ ادب جي اسان سڀئي گڏجي مالڪي ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو