سکر ۾ هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، پيءُ پٽ سوڌو 3 ڄڻا قتل

سکر ۾ هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، پيءُ پٽ سوڌو 3 ڄڻا قتل

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ويجهو مخبري جي الزام ۾ هٿياربندن جو ڳوٺ تي حملو، فائرنگ ۾ پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا قتل، علائقي ۾ ڇڪتاڻ، ڌريون مورچا بند، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب تماچاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي محمد اسماعيل چوهاڻ ۾ 20 کان وڌيڪ هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب قادر بخش چوهاڻ ۽ سندس پٽ عبدالعزيز چوهاڻ ٿڏي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته سندن هڪ عزيز مشتاق چوهاڻ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، ٽنهي مقتولن جا لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، واقعي بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن، پوليس موجب جتوئي برادري جي هٿياربندن ڳوٺ محمد اسماعيل چوهاڻ تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪجهه مھينا اڳ سکر پوليس مبينا مقابلي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڏوهارين کي ڳوٺ اسماعيل چوھاڻ ويجهو مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، جنھن تان بدنام ڌاڙيل رجب عرف رجو جتوئي ڳوٺ اسماعيل چوھاڻ جي رھواسين کي مخبري جو الزام مڙهيندي حملي جون ڌمڪيون ڏيندو هو، اهڙين ڌمڪين بعد ڊي آءِ جي سکر جي هدايتن تي ڳوٺ ۾ پوليس چوڪي پڻ قائم ڪري بڪتر بند گاڏي بيھاري وئي ھئي، ذريعن موجب ڪالهه 20 کان وڌيڪ جتوئي برادري جي هٿياربندن حملو ڪري ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو