سکر(ن س )نيو سکر سٽي ويجهو هڪ تيز رفتار ڪار جي پويان کان ٽرڪ ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 28 سالن جو رحمت الله ولد محمد اسماعيل ۽ 30 سالن جو نقيب الله ولد نور محمد بروهي فوت ٿي ويا. حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ٻنهي نوجوانن جو تعلق ڪوئيٽا سان هو. پوليس موجب، ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته ٽرڪ کي حراست ۾ ورتو ويو آهي










