سکر، وڪيل ڪنوينشن ۾ بدنظمي، جھيڙو، قربان ملاڻو بيھوش

سکر، وڪيل ڪنوينشن ۾ بدنظمي، جھيڙو، قربان ملاڻو بيھوش

سکر(ن س) سکر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن طرفان 27 هين آئيني ترميم خلاف وڪلاء ڪنوينشن دوران مڪن ۽ ٺونشن سان جهيڙو، شديد بدنظمي، ڇڪتاڻ، ڌڪ لڳڻ ڪري وڪيل قربان ملاڻو بيهوش ٿي ويو، افراتفري سبب ڪنوينشن جو ماحول تڪراري، 8 کان وڌيڪ خانگي ماڻهو گرفتار، ماحول ۾ ٺاپر اچڻ بعد ڪنوينشن ٻيهر شروع ڪيو ويو، رپورٽ موجب سکر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي ميزباني هيٺ ضلعي بار ۾ 27 هين ترميم خلاف منعقد وڪلاء ڪنوينشن ۾ رحمان ڪورائي جي خطاب ڪرڻ دوران منهن ماري بعد جهيڙو ٿي پيو، جنهن سبب ڪنوينشن بدنظمي جي ورچڙهي ويو ۽ وڪيل هٿين پئجي ويا، ڇڪتاڻ ٿيندي ئي ٺونشن، مڪن ۽ لتن توڙي پلاسٽڪ جي ڪرسين سان هڪ ٻئي کي ڪٽڪو ڏيڻ جي ماحول پيدا ٿيڻ ٿرٿلو مچي ويو، اهڙي صورتحال جي موقعي تي حفاظتي انتظامن خاطر بيٺل پوليس آفيسر ۽ اهلڪار وائڙائپ وچان هيڏي هوڏي ڊوڙي رهيا هئا، جڏهن ته ڪنوينشن هال ۾ اسٽيج تي ويٺل پاڪستان جوڊيشل ڪميشن / سنڌ بار ڪائونسل ميمبر ۽ صدر سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سکر ايڊووڪيٽ قربان ملاڻو سيني ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري پٽ تي ڪري بيهوش ٿي ويو، پوءِ ڪنوينشن هال مان ساده ڪپڙا پهريل ماڻهن کي ٻاهر آڻي ٿڦا ٿڦي ڪئي وئي ۽ کين پوليس حوالي ڪيو ويو، جن کي پوليس موبائيلن ۾ ويهاري حد جي سي سيڪشن ٿاڻي تي کڻي وئي، تنهن کانپوءِ به ڪجهه دير تائين سکر ضلعي بار ۾ افراتفري جو ماحول ڇانيل رهيو، ڪنوينشن ۾ پيدا بدنظمي ۽ ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ ٺاپر اچڻ سميت بيهوش ٿي ويل قربان ملاڻو کي اسپتال منتقل ڪرڻ کانپوءِ ڪارروائي جي ٻيهر شروعات ڪئي وئي، سکر وڪلاء ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وڪيل اڳواڻن 27 هين آئيني ترميم کي سختي سان رد ڪندي ملڪ گير احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ خطاب ڪندي چيو ته وڪيل هميشه ملڪ ۾ جمهوريت، آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ ڪردار ادا ڪندا آيا آهن، جڏهن ته نئين تجويز ڪيل ترميمن ۾ واضع بدنيتي شامل آهي، جنهن کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو، سموري ملڪ جي طرح ڪراچي ۽ حيدرآباد کان پوءِ هاڻي سکر جا غيرتمند وڪيل پڻ 27 ھين ترميم کي مڪمل طور تي رد ڪن ٿا، هن اعلان ڪيو ته سنڌ صوبي ۾ هڪ هفتي لاءِ عدالتي ڪارروائين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويندو ۽ احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته سندن مطالبو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان فل ڪورٽ ڪيس ٻڌڻ لاءِ طلب ڪري ۽ 26هين توڙي 27 هين ترميم جو هڪجهڙو جائزو ورتو وڃي، جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من ﷲ جا استعيفا واپس وٺي کين فل ڪورٽ بئنچ ۾ شامل ڪيو وڃي، عامر نواز وڙائچ چيو ته وڪيل گڏ آهن ۽ آئين جي حفاظت لاءِ هر محاذ تي جدوجهد جاري رکند⁠ا، ڪنويشن ۾ بدنظمي ڪرائڻ لاءِ ڪجهه شرپسند ماڻهن کي موڪليو ويو، پر وڪيلن جي اتحاد کين منتشر ڪري ڇڏيو، ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ شفقت رحيم اعلان ڪيو ته عدالتي بائيڪاٽ دوران ڪو به وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيندو، هڪ هفتي جي مهلت کان پوءِ ايندڙ هفتي ميرپورخاص ۾ صوبائي سطح جو وڏو وڪيل ڪنويشن ڪوٺايو ويندو، هن واضع ڪيو ته اسان 27 ھين ترميم کي مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا، جيڪڏهن ان بنياد تي ٺهندڙ آئيني عدالت ۾ ڪو سنڌ جو وڪيل پيش ٿيو ته ان جي بار ميمبرشپ ختم ڪئي ويندي، ڪنوينشن کي ٻين وڪيلن پڻ خطاب ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو