سکر بئراج جي دروازن جي مرمت ۽ مٽائڻ لاءِ  فنڊ جاري ڪرڻ جي منظوري

سکر بئراج جي دروازن جي مرمت ۽ مٽائڻ لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر بئراج جي دروازن جي مرمت ۽ نڪري ويل گيٽ کي مٽائڻ لاءِ 50 ڪروڙ 20 لک رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. ھن فنڊن جي منظوري آچر ڏھاڙي وزيراعليٰ هائوس ۾ رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي منظوري ڏني. اجلاس ۾ صوبائي آبپاشي وزير ڄام خان شورو، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، آبپاشي کاتي وارو سيڪريٽري ظريف کيڙپو ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو ٻڌايو سکر بئراج جي گيٽ نمبر 44 ۽ 47 کي پھتل نقصان جي نشاندھي 20 جون 2024ع تي ڪئي وئي. شروعاتي معائني ۾ ڄاڻ ملي تھ گيٽ نمبر 44 کي نقصان پھتو آھي پر اھو مڪمل طور تي جڙيل ھو جڏھن تھ گيٽ نمبر 47 کي ناقابل تلافي نقصان پھتو آھي. سکر بئراج جي ٻنھي متاثر دروازن جي مرمت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سکر بئراج جي سمورن گيٽن کي مڪمل طور تي کوليو ويو آھي تھ جيئن اپ اسٽريم جي پاڻيءَ جي نيڪالي ٿي سگھي. نتيجي ۾ نارا، روھڙي، خيرپور اوڀر، خيرپور اولھھ، دادو اتر، رائيس ۽ ان ڊبليو ڪينالن سميت سکر بئراج جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي جا سمورن ڪينالن کي پاڻيءَ جي گھٽتائي کي منھن ڏيڻو پيو. آبپاشي کاتي جي انجيئرن جي ڏينھن رات ڪوششن کانپوءِ دروازن جي مرمت شيڊول کان ٻھ ڏينھن پھرين مڪمل ڪري سکر بئراج ۾ پاڻيءَ جي سطح کي بحال ڪيو ويو. سکر بئراج مان نڪرندڙ ڪينالن کي پاڻي جي سپلاءِ پڻ بحال ڪئي وئي آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو ۽ سندن انجنيئرنگ ٽيم جي محنت ڪرڻ تي ساراھھ ڪئي. آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو پڻ وڏي وزير جي واکاڻ ڪئي ۽ ٿورا مڃيندي چيو تھ سنڌ کي ناقابل تلافي مالي نقصان ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بيچينيءَ کان بچايو ويو آھي. سيڪريٽري آبپاشيءَ وڏي وزير کي ٻڌايو تھ گيٽ نمبر 44 کي تيار ڪري سکر جي مڪينيڪل ورڪشاپ پھچايو ويو آھي. ٻوڏ واري حالت سبب گيٽ نمبر 44 کي مٽائڻ خطرناڪ ٿي سگھي پيو تنھن ڪري انکي في الحال ملتوي ڪيو ويو آھي. گيٽ جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ 20 جون کان پوءِ ان ۾ ڪوبھ نقصان ناھي ڏٺو ويو. تنھن ڪري مڪينيڪل ماھر جيم اسمٿ، سي آر بي سي ۽ پي آءِ سي ٻوڏ واري حالت گذرڻ تائين گيٽ جي مرمت واري ڪم کي عارضي طور تي روڪڻ ۽ ان اسٽيڪچر کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي صلاح ڏني آھي. وڏي وزير کي تصويرن جي مدد سان بريفنگ ڏيندي ترقياتي ڪمن بابت آگاھي ڏيندي وئي ۽ ٻڌايو ويو تھ اضافي سي چينلز، افقي ۽ عموري بيم ۽ فش پليٽس کي جوڙيو ويو آھي. جديد ويلڊنگ ٽيڪنيڪ جو استعمال ڪندي دروازن جي متاثر حصن جي مرمت ڪئي وئي آھي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ ٻئي گيٽ ڪراچي شپ يارڊ ۾ تيار ڪيا ويا آھن. ان مرحلي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ لاجسٽڪ، جمبو بيگ، شٽرز، مشينري ۽ افرادي قوت فراھم ڪئي وئي آھي. سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 جي تياري سان گڏوگڏ گيٽ نمبر 7 جي مرمت پڻ ڪئي وئي آھي. گيٽ نمبر 44 جو لازمي ڪم پڻ ڪيو ويو آھي. سکر بئراج جي گيٽ نمبر 44 کان 59 تائين کي ھنگامي بنيادن تي مضبوط ڪيو آھي، متاثر گيٽ جي مرمت لاءِ مشينري ميڪنيڪل ونگ کان حاصل ڪئي آھي جڏھن تھ گيٽ کي سکر بئراج تائين پھچائڻ لاءِ بحريا ڊريجنگ ڪمپني (بي ڊي سي ايل) جو سھڪار حاصل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ کي ٻڌايو ويو تھ مرمت جي سمورن ڪمن تي پنجاھھ ڪروڙ ويھھ لک رپيا لاڳت ٿي، آبپاشي کاتو اڳئي فنڊن جي کوٽ جو شڪار آھي ڇاڪاڻ تھ ان مقصد لاءِ مختص ڪيل فنڊ پھرين ئي تمام گھٽ ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو