ڪراچي: (ن س) سنڌ ۾ سکر، ملتان موٽر وي تي 200 ڪلو ميٽر تائين لڳل جديد ڪيمرا چوري ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ مختلف سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي تي ته اڪثر سوال اٿندا رهندا آهن، اهڙي صورتحال دوران شاندار وفاقي منصوبي موٽر وي ايم 5 شديد بدانتظامي جو شڪار آهي.سکر، ملتان موٽروي ايم فائيو تي سکر کان رحيم يار خان لڳ ڀڳ 200 ڪلو ميٽر جي ايريا مان جديد سرويلينس ۽ اسپيڊ جا ڪيمرا، سولر پليٽون، لائٽون ۽ پولز ڪچي جي ڌاڙيلن چوري ڪري ورتا آهن.ضلعي گهوٽڪي جي علائقي خان جنگل جي چوڌاري وڌيڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال جتان کان ڪيمرائون ۽ سولرز جا پول به پٽي کنيا ويا پوليس جي سيڪيورٽي چوڪين جون ڇتيون به غائب ڪيون ويون آهن.اهڙين چوڪين ۾ زندگي جا آثار به نظر نه آيا، لائٽون ۽ ريفليڪٽرز به غائب آهن، اهوئي نه انهي سان گڏوگڏ موٽر وي جي سموري سروس ايرياز جون اسٽريٽ لائٽون به بند آهن جڏهن ته تازو ئي لڳايل سولر ريفليڪٽرز به 90 سيڪڙو تائين خراب آهن. ڪيمرا چوري يا غير فعال ٿيڻ سبب موٽر وي پوليس جو عملو پراڻي طريقي سان اسپيڊ ڪيمرا روڊ تي رکي ڏنڊ لڳائي رهيو آهي.










