سچل پوليس ڪارروائي، ٽي رڪني ڦورو ٽولو گرفتار

سچل پوليس ڪارروائي، ٽي رڪني ڦورو ٽولو گرفتار

ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پھنوار ) ايس ايس پي ايسٽ جي هدايت تي ايس ايچ او ٿاڻو سچل محمد امين کوسو جي اڳواڻي ۾ اسٽرٽ ڪرمنلز خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪندي پوليس ٽن رڪني ڦورو ٽولي کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪو ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 50 کان وڌيڪ وارداتن ۾ ملوث ھئڻ جو انڪشاف ڪيو آهي۔ پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدار سپر هاءِ وي، سچل، سهراب گوٺ، مبينه ٽائون ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ شهرين کان ڦرلٽ جون وارداتون ڪندا رهيا۔ جڏهن ته جوابدارن 7 جولاءِ 2025ع تي سچل گوٺ جي هڪ نجي اسپتال ۾ فنڪار تنوير علي چوڌري جي زال زينب کان سون جون باليون ڦري ورتيون هيون، جڏهن ته 30 جولاءِ تي رند گوٺ وٽ پوليس مقابلي دوران فائرنگ ۾ راھگير نظير احمد زخمي ٿيو، جڏهن⁠ت⁠ه مقابلي ۾ جوابدار طيب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيو۔ پوليس ڪارروائي دوران غير قانوني هٿيار، موبائل فون، گھڙيون ۽ روڪ رقم هٿ ڪيا ويا۔ دورانِ جاچ جوابدارن درجنين وارداتن جو اعتراف ڪندي وڌيڪ انڪشاف بڻ ڪياآھن .جن جي بنياد تي جاچ جو دائرو وڌايو ويو آھي۔ شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو ته گرفتار ٿيل ماڻهو عادي مجرم آهن، جيڪي اڳ به ڦر، غير قانوني ھٿيارن ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ جيل وڃي چڪا آهن۔ گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ عبدالصمد ولد صدرالدين، رضوان علي ولد ارباب علي ۽ آفتاب علي ولد باغ علي شر طور ڪئي وئي آهي۔ ٻئي پاسي فنڪار تنوير علي چوڌري پنهنجي زال سان زيور ڦر ڪندڙ ملزمن جي گرفتاري تي سچل پوليس ۽ ايس ايچ او امين کوسو کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پوليس جي پيشورانه ڪارڪردگي قابلِ تعريف آهي ۽ اميد آهي ته ڦر ٿيل سامان به جلد واپس ملي ويندو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو