سڄي سنڌ ۾ منشيات بحالي مرڪز قائم ڪبا، راجپوت

سڄي سنڌ ۾ منشيات بحالي مرڪز قائم ڪبا، راجپوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت ۽ اي اين ايف، وچ ڪراچي ۾ منشيات بحالي جا 2 ادارا هلائڻ بابت معاهدي تي صححيون ڪيون ويون. سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير ساجد جوکيو ۽ بريگيڊيئر وقار رضوي جي موجودگي ۾ ڊاڪٽر شيرين مصطفيٰ سيڪريٽري سوشل ويلفيئر ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل انور حسين معاهدي تي صححيون ڪيون. ايگريمينٽ جي مطابق اي اين ايف جي تحت منگھوپير ۽ ملير ۾ منشيات بحالي جا 2 سينٽر هلايا ويندا، جڏهن ته سنڌ حڪومت فنڊ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪندي. ان حوالي سان چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت چيو ته منشيات جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ سينٽر پوري سنڌ ۾ قائم ڪيا ويندا ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت هي ادارا هلايا ويندا. اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ، آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ايجوڪيشن اسڪول جي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري، سماجي ڀلائي کاتي جي سيڪريٽري شيرين مصطفيٰ، ڊي جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اسد ضامن سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس صوبي ۾ ٻين ادارن سان گڏ منشيات وڪرو ڪندڙ جي خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي، هن چيو ته هڪ ضلعي جي ايس ايس پي کي منشيات وڪرو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي تي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آهي. جڏهن ته هڪ سينيئر آفيسر جي خلاف ڊپارٽمينٽل ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو