اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار، بشرا بي بي ۽ زلفي بخاري جي آڊيو ليڪ واري معاملي جي ٻڌڻي ڪندي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته سڀني جا فون بگ ٿي رهيا آهن، ان ۾ وڏي ڳالهه ڪهڙي آهي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهرواري اڳوڻي خاتون اول بشرا بي بي جي آڊيو ٽيپنگ ۽ حراسان ڪرڻ خلاف داخل درخواست کي ٻي درخواست سان ضم ڪري ڇڏيو آهي.جسٽس بابر ستار، بشرا بي بي جي وڪيل لطيف کوسا کي چيو ته اوهان جي درخواست تي پاڻ نوٽيس وٺي رهيا آهيون، ان ئي نوعيت جو هڪ ٻيو ڪيس به ٻڌنداسين، کوسا صاحب! توهان ڪهڙي درخواست داخل ڪئي آهي؟ لطيف کوسا جواب ڏنو ته بدقسمتي سان اسان جا فون لڳاتار بگ ٿي رهيا آهن.جسٽس بابر ستار چيو ته اهي سڀ ڪجهه ٿي رهيا آهن، ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، توهان جي درخواست تي اعتراض اهو آهي ته توهان ڪنهن به حڪم کي چئلينج ناهي ڪيو.لطيف کوسا چيو ته پوليس ۽ ايف آءِ اي مسلسل بشرا بي بي کي حراسان ڪري رهي آهي.جسٽس بابر ستار لطيف کوسا کي چيو ته توهان کي عدالت جي ٻن پاسن تي مدد ڪرڻي آهي، فون ٽيپنگ جي قانونيت تي عدالت جي مدد ڪريو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان معلومات جو ذريعو نه ٿو پڇي سگهجي.وڪيل لطيف کوسا درخواست ڪئي ته ايف آءِ اي کي ايندڙ ٻڌڻي تائين هراسان ڪرڻ کان روڪيو وڃي.جسٽس بابر ستار چيو ته اهڙو حڪم پاس ڪندس ته ان تي عمل ڪري سگهان، هراساني هڪ وسيع اصطلاح آهي، سڀاڻي توهان توهين عدالت جي درخواست کڻي ايندا.سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي 18 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










