سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سينيٽر فيصل واڊا ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس لائيو ڏيکارڻ تي ميڊيا چينلز جي غير مشروط معافي قبول ڪندي چينلن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ختم ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ ۾ فيصل واڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس لائيو ڏيکارڻ تي ميڊيا چينلز خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته پاڪستان براڊڪاسٽنگ ايسوسيئيشن (پي بي اي) جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته سڀ کان وڏو نيٽ ورڪ ڪهڙا آهن، جيو ۽ اي آر وائي آهن.هن عدالت جي هدايتن تي ٻن وڏن چينلز جا جواب پڙهيا.چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي بنياد تي معافي ورتي، جنهن تي فيصل صديقي چيو ته 28 جون جو عدالتي حڪم پڙهي غلطي ٿي آهي.










