واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي فوجداري ڪيسن ۾ جزوي استثنيٰ ڏئي ڇڏيو آهي.واشنگٽن مان خبرون ڏيندڙ اداري موجب سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ اڳوڻي صدر جي حيثيت ۾ پنهنجي خلاف ڪيسن مان ڪجهه استثنيٰ حاصل ڪري سگهي ٿو.سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو آهي ته اڳوڻي صدرن کي بنيادي آئيني اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ مڪمل استثنيٰ حاصل آهي.آمريڪي سپريم ڪورٽ جي مطابق، اڳوڻي صدر پنهنجي ذاتي صلاحيت ۾ ڪيل ڪمن جي لاء پراسيڪيوشن کان استثني جا حقدار نه آهن.خابرو اداري موجب سپريم ڪورٽ ۾ 6 ججن ٽرمپ جي حق ۾ ۽ 3 جج مخالفت ۾ فيصلو ڏنو.خابرو اداري موجب سپريم ڪورٽ ٽرمپ جي استثنيٰ وارو ڪيس واپس هيٺين عدالت ڏانهن موڪلي ڇڏيو.خابرو اداري موجب ٽرمپ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي جمهوريت جي وڏي فتح قرار ڏنو.خابرو اداري موجب ٽرمپ تي 2020ع جي صدارتي چونڊن ۾ چونڊ نتيجن کي روڪڻ جي سازش ۽ چونڊ نتيجن ۾ ڌانڌلي جي ڪوڙي دعويٰ ڪرڻ جو به الزام آهي.ٻئي طرف صدر بائيڊن جي چونڊ مهم جي هڪ آفيسر جو چوڻ آهي ته ٽرمپ پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي ٿو.










