لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ۽ سينيئر اداڪاره حنا دلپذير انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل ڪجهه سالن کان ٽي وي اسڪرين تي گهٽ نظر اچڻ جو سبب معياري اسڪرپٽس جي کوٽ ۽ پنهنجي فن تي سمجهوتو نه ڪرڻ آهي.هڪ تازي انٽرويو ۾ گفتگو ڪندي حنا دلپذير چيو ته مان وڌيڪ منصوبن ۾ ڪم ڪرڻ بدران معياري ڪردارن کي ترجيح ڏيندي آهيان ۽ صرف تعداد وڌائڻ لاءِ اهڙا ڪردار قبول ڪرڻ نٿي چاهيان جيڪي منهنجي تخليقي معيار مطابق نه هجن. اداڪاره چيو ته سٺا اسڪرپٽ مون تائين پهچن ئي نٿا ۽ جيڪي پهچن ٿا ته هاڻي منهنجو سمجهوتو ڪرڻ تي دل نٿو چوي، ان ئي سبب ڪري مان وڌيڪ نظر نٿي اچان. هن وڌيڪ چيو ته بطور اداڪاره مان هر قسم جا ڪردار نڀائڻ لاءِ تيار آهيان، چاهي ڪنهن وڏي عمر جي عورت جو ڪردار هجي، ڇوڪري جو روپ ڌارڻو هجي يا ڪو غير روايتي ڪردار، پر شرط صرف اهو آهي ته ڪردار مضبوط هجي، ان جي اسڪرين تي اهميت هجي ۽ اهو ڏسندڙن تي اثر ڇڏي. حنا دلپذير جي ان موقف کي مداحن پاران ساراهيندي سندس صلاحيتن جي تعريف ڪئي وئي ۽ سندس فيصلي جي حمايت ڪئي وئي.حنا دلپذير ڊرامي “بلبلي” ۾ “مومو” جي يادگار ڪردار جي بدولت بيحد مقبول ٿي، جڏهن ته قدوسي صاحب ڪي بيوه، يہ زندگي هائي ۽ ايني ڪي آئي گي بارات سميت ڪيترن ئي ڪامياب ڊرامن ۾ پنهنجي شاندار اداڪاري سان هوءَ پاڪستان جي ورسٽائل اداڪارائن ۾ نمايان مقام رکي ٿي.










