سي اي اي يونينز ايئرپورٽ  آئوٽ سورسز جي کليل مخالف ڪري ڇڏي

سي اي اي يونينز ايئرپورٽ آئوٽ سورسز جي کليل مخالف ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي اي اي يونين چيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسز ٿيڻ نه ڏينداسين، سول اي ايويشن اٿارٽي هيڊ ڪوارٽر ۾ ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسز جي حوالي سان اي اي يونين جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ايئرپورٽس آئوٽ سورسز جي کليل مخالف ڪئي وئي، سي اي اي يونين عهديدارن سان انٽر نيشنل فنانس ڪارپوريشن آفيشلز مختلف سوال ڪيا، سي اي اي يونين جواب ۾ چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ايئرپورٽس جي آئوٽ سورسنگ ٿيڻ نه ڏينداسين، آئي ايف سي جي اجلاس دوران سوال ڪيو ته اوهاسن ايئرپورٽ آئوٽ سورسز جي حوالي سان هڙتال به ڪئي؟ يونين عهديدارن چيو ته آئوٽ سورسنگ جو آڊيو 2016ع ۾سامهون آيو هو، تڏهن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون، سي اي اي يونين عهديدارن چيو ته ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ جي ملڪ ۽ اداري جي مفاد ۾ ناهي، حڪومت ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ ڪرڻ چاهي ٿي پر ان جي مزاحمت ڪنداسين، اجلاس ۾يونين عهديدارن، انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن کان علاوه ڊائريڪٽر آر سي اي اي به شريڪ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو