ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ صوبي ۾ سيپرا پاور جنريشن، ڊسٽريبيوشن ۽ ٽرانسميشن جي حوالي سان مڪمل بااختيار ادارو هوندو ۽ سڄي ملڪ ۾ صوبن ۾ هي پهريون خودمختيار ادارو هوندو جيڪو نيپرا جي مقابلي ۾ پنهجا فيصلا پاڻ ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌ توانائي کاتي جي آفيس ۾ سيپرا قانون سازي جي حوالي سان ڪوٺايل آگاهي واري اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي توانائي کاتي جو سيڪريٽري مصدق احمد خان ۽ ميمبر نيپرا رفيق احمد شيخ پڻ موجود هئا. سيڪريٽري توانائي ۽ ميمبر نيپرا صوبائي توانائي واري وزير کي قاعدن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو. ناصر حسين شاهه قانون بابت مختلف سوال پڻ پڇيا. توانائي واري وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن موجب هر ان فيصلي سان گڏ آهيون جيڪو عوام جي ڀلائي سميت عوام کي رليف ڏئي سگهي ۽ ان اداري يا منصوبي جي مڪمل حمايت ڪندو جيڪو عوام جي اميدن ۽ تمنائن جي مطابق هوندو ۽ سيپرا بورڊ جي قيام جو مقصد عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ آهي. سيپرا جي قيام ۽ بجلي جي مقرري سان بجلي 30 کان 40 سيڪڙو سستي ٿي ويندي. توانائي واري وزير چيو ته بجلي جي قيمتن جي مسئلن کي آسان ڪرڻ سان عوام کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ناصر حسين شاهه چيو ته سڄي صوبي جي هر ضلعي ۾ مني گريڊ اسٽيشن قائم ڪرڻ جو منصوبو به غور هيٺ آهي. صوبائي وزير چيو ته سيپرا جي بورڊ جي ميمبرن جي چونڊ ميرٽ ۽ شفاف طريقي سان ڪئي ويندي، جڏهن ته بورڊ جا ميمبر انتظامي تجربو ۽ قابل شخصيت هوندا. سيپرا جي قيام سان بجلي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين کي نيپرا ۾ وڃڻ جي ضرورت نه ٿيندي.










