سينيٽ ۾ لوڊشيڊنگ تي ڪي-اليڪٽرڪ تي سخت تنقيد

سينيٽ ۾ لوڊشيڊنگ تي ڪي-اليڪٽرڪ تي سخت تنقيد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جي معاملي تي سينيٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ تي تنقيد ڪئي وئي آهي.پيپلز پارٽي جي سينيٽر وقار مهدي سينيٽ ۾ عوامي اهميت جو مسئلو اٿاريندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ پاڪستان ۾ بجلي فراهم ڪندڙ واحد خانگي ڪمپني آهي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هفتي ۾ 3 کان 4 ڏينهن لوڊشيڊنگ ٿيندي آهي. لوڊشيڊنگ جو مسئلو صرف ڪجهه علائقن تائين محدود ناهي پر سڄي ڪراچي ۾ آهي.هن چيو ته گئس جو مسئلو به ساڳيو آهي. گئس جي مسلسل لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.ٻئي طرف سينيٽر مسرور احسن به لوڊشيڊنگ جي معاملي تي ايوان ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته 3 ٽريلين تائين جي واجب الادا رقم سرڪاري ادارن جي ذميواري آهي. جيڪڏهن اسان جو 10 هزار جو بل جمع نه ٿيو ته ميٽر ڪٽيا ويندا.هن چيو ته رمضان اچي رهيو آهي، اعلان ڪيا ويندا ته افطار ۽ سحري دوران لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، تنهن ڪري هن مسئلي کي سنجيدگي سان ڏٺو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو