ممبئي (ويب ڊيسڪ) اداڪار سيف علي خان جي هٿ مان موبائيل کسڪي ويو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. بالي ووڊ اسٽار اداڪار ان وقت خبرن جي زينت بڻجي ويو جڏهن هڪ ڊبنگ اسٽوڊيو ۾ سندس هٿ مان موبائيل فون کسڪڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي. ان مختصر لمحي فوري طور تي مداحن جي ڌيان ڇڪائي ورتو ۽ اهو ڪلپ سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ ڪرڻ لڳو. واپرائيندڙن (صارفين) ان تي تبصرن جي برسات ڪري ڏني، جنهن سان اهو واقعو سوشل ميڊيا تي بحث جو هڪ وڏو موضوع بڻجي ويو.










