سيالڪوٽ ۾ عثمان جو گهر ۽ فيڪٽري سيل

سيالڪوٽ ۾ عثمان جو گهر ۽ فيڪٽري سيل

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ)سيالڪوٽ ۾ ضلعي انتظاميا پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي گهر، فيڪٽري ۽ سيڪريٽريٽ سيل ڪري ڇڏيو.ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ملڪيتون عدالتي حڪم تي سيل ڪيون ويون آهن.انتظاميا جو چوڻ آهي ته عثمان ڊار ۽ عمر ڊار دهشتگردي سميت ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ملوث آهن.ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته سول جج قدسيه بانو جي حڪم تي ملڪيت سيل ڪري چوري جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.عثمان ڊار جي رهائشگاهه، فيڪٽري ۽ سيڪريٽريٽ ٻاهران ضلعي انتظاميا ۽ پوليس اهلڪار موجود آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو