حيدرآباد: (ن س) حيدرآباد ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي سنيئر نائب صدر سيد شاهه محمد شاهه پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.ان موقعي تي شاهه محمد شاهه چيو ته هن وقت قومي مفاهمت جي ضرورت آهي، سياسي تنظيمون هڪ ٻئي جو مينڊيٽ تسليم ڪن اسان ملڪ کي فلاحي رياست ٺاهڻ چاهيون ٿا.شاهه محمد شاهه چيو ته نواز شريف جيڪي واعدا ڪيا آهن اهي پورا ڪندو، مولانا فضل الرحمان سان نواز ليگ جا سٺا تعلقات رهيا آهن، اهو اسان کان پري ناهي، پي ٽي جي باني کي اسان ڪجه ناهي ڪيو اهو پاڻ ديوار سان لڳو آهي، اهو جنهن امپائر جي اشاري تي هو انهن ئي منظر تان هٽايو آهي.هن وڌيڪ چيو ته عدليه نظريه ضرورت پيدا ڪيو ۽ هن ملڪ ۾ تباهي جي بنياد وڌي.










