خرطوم (ويب ڊيسڪ)سوڊان جي راڄڌاني خرطوم جي ويجهو هڪ فوجي جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ سوار 20 کان مٿي فوجي ۽ سويلين مارجي ويا، رائٽرز موجب جهاز ۾ سوار ميجر جنرل بحر احمد به مارجي ويلن ۾ شامل اهي. خبر موجب جهاز فني خرابي سبب ڪري تباهه ٿيو، ۽ امدادي ٽيمن امدادي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.خبرن جي ادارن موجب، جهاز هڪ فوجي اڏي جي ويجهو ڪري تباهه ٿيو. فوجي آفيسر جهاز ۾ سوار هئا.رپورٽن موجب، جهاز ۾ سوار فوجي اهلڪارن جي اصل تعداد بابت اڃا تائين ڪا واضح معلومات سامهون نه آئي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب، مقامي رهواسين حادثي سبب ٿيندڙ زوردار ڌماڪي بابت بچاءُ عملدارن کي آگاهي ڏني. حادثي سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي به بند ٿي وئي. رپورٽن موجب، اهو واقعو هڪ ڏينهن بعد پيش آيو جڏهن پيرا ملٽري ريپڊ سپورٽ فورسز (آر ايس ايف) ڏکڻ دارفور جي گاديءَ واري هنڌ نيالا ۾ هڪ فائٽر جيٽ ڪيرائڻ جي ذميواري قبول ڪئي.










