سون جو في تولو 4 هزار 200 رپيا سستو

سون جو في تولو 4 هزار 200 رپيا سستو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾اڄ سون جي قيمتن ۾ سوين رپيا گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو 4 هزار 200 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 19 هزار 400 رپين جو ٿي ويو آهي. ان سان گڏ سون جي ڏهه گرام جو اگهه به 3 هزار 601 رپيا گهٽتائي سان 1 لک 88 هزار 100 رپيا ٿي ويو آهي. ان کانسواءِ عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 27 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ 2037 جو ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو