سوزوڪي ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر 5 عورتون فوت

سوزوڪي ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر 5 عورتون فوت

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي) بُلڙي شاھ ڪريم ڀرسان ڏتا واھ اسٽاپ جي اڳيان درگاھ جيئي شاھ بادشاھ وٽ سوزوڪي ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ جمالي برادري جون پنج عورتون موقعي تي ئي فوت ٿي ويون. جڏھن تہ ٽن زخمي عورتن کي انتھائي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ٽنڊو محمد خان نيو ويو . واقعي واري هنڌ موجود ماڻھن پاران ٻڌايو پئي ويو ته فوتي حيدرآباد جي علائقي نارا جيل ڀرسان ويٺل آهن جيڪي اڄ بُلڙي شاھ ڪريم ڀرسان ويٺل پنھنجي جمالي برادريءَ وٽ ونواح ڀڃڻ آيا هئا جڏھن واپس ڳوٺ ڏي وڃي رھيا ھئا تہ واقعو پيش آيو. بلڙي شاهه ڪريم پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ضروري ڪارروائي لاءِ کڻائي بلڙي شاهه ڪريم رورل هيلٿ رواني ٿي وئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو