اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ قاسم سوري جي ملڪيت جا تفصيل طلب ڪندي وفاق ۽ ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي قاسم سوري جي تڪ تي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اپيل جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران قاسم سوري جو وڪيل نعيم بخاري عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس نعيم بخاري کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا قاسم سوري سان رابطو ناهي؟ جنهن تي نعيم بخاري جواب ڏنو ته منهنجو قاسم سوري سان ڪو به رابطو ناهي، چيف جسٽس چيو ته توهان پنهنجي موکل کي گرفتار ڪري نه ٿا آڻي سگهو، قاسم سوري کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ کي اهڙي طرح استعمال نه ڪيو ويندو.چيف جسٽس چيو ته قاسم سوري سپريم ڪورٽ کان حڪم نامو وٺي بيٺو آهي، ڇا حڪم نامي کانپوءِ ڪيس نه هلندو؟ قاسم سوري حڪم نامي تي غير آئيني قدم کڻندي بي اعتمادي جي رٿ رد ڪري ڇڏي.نعيم بخاري پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي استدعا ڪئي ۽ چيو ته عدالت قاسم سوري جي غير حاضري جو نوٽيس وٺي، ان تي چيف جسٽس چيو ته پوءِ قاسم سوري جي ملڪيت جا تفصيل طلب ڪيا ويندا هن چيو ته ملڪيت جي به قبر مان مئل ظاهر ٿئي ٿو ته تفصيل پڇي. جسٽس مسرت هلالي وڪيل نعيم بخاري کي چيو ته توهان عدالت مان ڇو ڀڄي رهيا آهيو؟ توهان اسان جو پيغام انهن تائين پهچايو، جنهن تي نعيم بخاري جواب ڏنو ته قاسم سوري سان منهنجو ڪوبه رابطو ناهي، پيغام ڪيئن موڪليان؟ ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت حڪم نامو لکيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اخبارن ۾ اشتهار ڏنو ويو پر قاسم سوري عدالت ۾ پيش نه ٿيو ۽ وڪيل نعيم بخاري جو به قاسم سوري سان وفاقي حڪومت سان ڪو به رابطو ناهي. نامي ۾ چيو ويو آهي ته بلوچستان حڪومت قاسم سوري جي سموري ملڪيت جا تفصيل عدالت ۾ جمع ڪرائي ۽ وفاقي حڪومت ۽ ايف آءِ اي عدالت کي آگاهه ڪري ته قاسم سوري ملڪ ڪيئن ويو؟










