سورهيه بادشاهه جي 77 هين ورسي، ڀيٽا پيش

سکر(امداد علي ڪلوڙ)  انگريزن سان سنڌ جي آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ  انقلابي اڳواڻ  شھيد سورهيه بادشاھ جي 77ورسي ملهائي وئي ۽ کيس ڀيٽاپيش ڪئي وئي. ان حوالي سان پريس ڪلب سکر ٻاهران ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي تقريب ۾ فنڪشنل ليگ جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي  ان موقعي تي فنڪشنل مسلم ليگ پاڪستان جي اڳواڻن فقير رياض جوڻيجو فقير جنيد نوناري فقير محمد امين نوناري فقير ارباز عباسي ۽ ٻين ميڊياسان ڳالهائيندي چيو ته اسان آزادي ۽انقلاب جي امام شھيد سورهيه بادشاھ جي77 ورسي ڪوروناوائرس سبب سادگي سان ورسي ملهائي رهيا آهيون. هنن چيو ته سيد شھيد سورهيه بادشاھ ھڪ عظيم هيرو هو جنهن انگريز سامراج سان مهاڏو اٽڪائي انگريز سامراج کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو. هن وطن يا ڪفن آزادي يا موت جو نعرو هنيو .

پهنجو تبصرو موڪليو