سوراب بيدي ملائڪا سان لاڳاپن جي خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

سوراب بيدي ملائڪا سان لاڳاپن جي خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ماڊل سوراب بيدي بالي ووڊ اداڪارا ملائڪا اروڙا سان ڊيٽنگ جي افواهن تي پنهنجي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.ڀارتي ميڊيا موجب، ملائڪا اروڙا ۽ سورڀ بيدي جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي جنهن ۾ ٻئي گڏ نظر اچي رهيا هئا.وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ افواهون گردش ڪرڻ لڳيون ته اداڪارا شايد سورڀ بيدي سان رشتي ۾ آهي، جنهن تي ٻنهي شروعات ۾ ڪو به جواب نه ڏنو، پر هاڻي ڀارتي ماڊل پنهنجو رد عمل ظاهر ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾، سورڀ بيدي ڊيٽنگ جي خبرن کي رد ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڪيئن هن جي ملائڪا اروڙا سان دوستي ٿي.هن چيو ته ماڊل مئنيجمينٽ ۽ بيڪ اسٽيج ڊائريڪٽر دلناز دارو والا ۽ وهبز مهتا ماڊلنگ جي شروعاتي ڏينهن ۾ منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي ۽ مون کي ماڊلنگ جو موقعو ڏنو، جنهن دوران مان ملائڪا اروڙا سان تمام سٺي دوست بڻجي ويس.

پهنجو تبصرو موڪليو