آفريدي جي تقرير زميني حقيقتن جي خلاف هئي: امير مقام

آفريدي جي تقرير زميني حقيقتن جي خلاف هئي: امير مقام

پشاور: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي صدر انجنيئر امير مقام چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير پنهنجي صوبي ۾ اسپتالن ۽ صحت جي بحران تي ڳالهائڻ کان لنوائي رهيو آهي، ۽ سهيل آفريدي جي تقرير زميني حقيقتن جي خلاف هئي.پنهنجي بيان ۾ امير مقام چيو ته صفر ڪرپشن جي دعوائن جي باوجود، بي آر ٽي ۽ هيلٿ ڪارڊ اسڪينڊل سامهون آيا آهن، انهي سان گڏ بلين ٽري، ڪڻڪ ۽ ٻيا اسڪينڊل نيب ۽ عدالتي رپورٽن ۾ موجود آهن.صوبائي حڪومت تي تنقيد ڪندي هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ سڀ ڪجهه شفاف آهي، پوءِ نوجوان مونجهاري جي حالت ۾ ڇو آهن؟،امير مقام وڌيڪ چيو ته مريم نواز هڪ آئيني ۽ چونڊيل وڏي وزير آهي، ان تي ذاتي حملا ناڪامي جو ثبوت آهن، سهيل آفريدي جي تقرير زميني حقيقتن جي خلاف هئي، ماڻهو نعرن ۽ ڌمڪين کان اڳتي نڪري ويا آهن ۽ رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ جي سياست هاڻي نه هلندي.

پهنجو تبصرو موڪليو