سهانا جي پسند کي قبول ڪندس،شاهه رخ خان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جو بادشاهه شاهه رخ خان اڄ پنهنجي ڌيءَ سهانا خان جي 21هين سالگره ملهائي رهيو آهي.ڀارتي ميڊيا  پاران رپورٽن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اداڪار شاهه رخ خان پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ سهانا خان سان گڏ ڊيٽ جي خواهشمند ڇوڪري جي لاءِ 7 نقطن جو ذڪر ڪري چڪو آهي. شاهه رخ خان جو چوڻ هو ته سهانا جي مستقبل جي بواءِ فرينڊ جي لاءِ 7 نقطن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي جيڪي هي آهن.1 نوڪري حاصل ڪرڻ، 2. هو سمجهي ته مان کيس پسند نٿو ڪريان، 3. مان هر جڳهه آهيان، 4. وڪيل  جون خدمتون حاصل ڪري، 5. سهانا کي منهنجي شهزادي سمجهي نه  ڪا پنهنجي ملڪيت، 6. مون کي جيل وڃڻ ۾ ڪوبه اعتراض نه آهي. 7. اوهان سهانا سان جيڪو به ڪندو مان اوهان سان اهوئي ڪندس.ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن ان ان نقطن تي حقيقت ۾ ڪوڙي دليري جو مظاهرو ڪيو آهي ڇو ته مون کي خبر آهي ته جڏهن  سهانا ڪنهن کي پسند ڪندي ته مان ڪجهه چوڻ جي اهل نه هوندس. ان کي قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو آپشن نه هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو