سنگي فائونڊيشن پاران مفت دوائون ڏيڻ جي تقريب

سنگي فائونڊيشن پاران مفت دوائون ڏيڻ جي تقريب

ڪراچي (نيوز ڊيسڪ)اين ڊي ايم اي پاڪستان جي مطابق، 2022 جي برساتي ٻوڏ ملڪ جي لڳ ڀڳ اڌ حصي کي متاثر ڪيو، خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان صوبا سخت متاثر ٿيا. ھن ٻوڏ صحت جي مرڪزن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو، جنهن جي نتيجي ۾ بنيادي صحت مرڪز (BHUs) ۽ رورل هيلٿ سينٽرز (RHCs) جي صحت سهولتن جي فراهمي ۾ خلل پيو آھي. غذائيت، جيڪا اڳ ۾ ئي خطرناڪ حد تائين گهٽ هئي، ان ھاڻي تمام خطرناڪ صورتحال جي شڪل اختيار ڪئي آھي. ٽڪل 650,000 حامله عورتون زچگي جي سهولتن تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيون آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ 4 ملين ٻار صحت جي سهولتن تائين رسائي کان محروم آهن. پاڪستان وچڙندڙ بيمارين جهڙوڪ ايڪٽ اسهرا، ڪالرا، مليريا ۽ ڊينگي ۾ ڪافي اضافو ٿي رهيو آهي. صحت جي سروس جي ترسيل ۾ رڪاوٽن غريبن ۽ پسمانده ماڻهن لاءِ صحت جي اڻ برابري کي وڌايو آھي. صحت جون بھتر سھولتون ٻوڏ متاثرين جي در تي پھچائڻ لاءِ سنگي ڊولپمينٽ فائونڊيشن ۽ الائيٽ سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن خاص ڪري شڪارپور ۽ خيرپور جي ضلعن ۾ صحت ۽ غذائيت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري رھيا آهن. ھن ڪم جو دائرو ٽن ڳوٺاڻن صحت مرڪزن ۾ صحت ۽ غذائيت جي خدمتن جي فراهمي ۾ تعاون ڪرڻ آهي، يعني RHC چڪ، RHC ميان جوڳوٺ ضلعو شڪارپور ۽ RHC عطا محمد حامي ضلعو خيرپور. سنگي ڊولپمينٽ فائونڊيشن الائيٽ پاڪستان جي مدد سان انھن ڳوٺاڻن صحت جي مرڪزن ۾ليڊي ڊاڪٽرز، ڪميونٽي مڊوائيف، ٽيڪنيشن رکيا آھن جئين ھو ٻوڏ متاثر ماڻھن کي صحت جو بھتر صحولتون ڏئي سگهن. ان سسلي ۾ مفت دوائو ڏيڻ جي ھڪ تقريب رورل ھيلٿ سينٽر عطا محمد حامي ۾ ٿي گذري. جنھن ۾ سنگي ڊولپمينٽ فائونڊيشن پاران دوائون مھيا ڪيو ويون. ھن تقريب جو مھمان خاص ڊي ايڇ او خيرپور ڊاڪٽر رحمت اللھ سولنگي ھئا. جاويد سولنگي پروجيڪٽ ڪورآڊينيٽر سنگي ڊولپمينٽ فائونڊيشن پاران ايم ايس، آر ايچ سي ڊاڪٽر نصير احمد صوھو کي دوائون ڏنيو ويون. ٻين مھمانن ۾ ڊاڪٽر رضوان فوڪل پرسن ڊي ايڇ او خيرپور، صابر خان يوسفزئي ريجينل پروگرام ڪوآرڊينيٽر سنگي ڊولپمينٽ فائونڊيشن موجود ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو