ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي صحت کاتي ڊينگي جي صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ ڊينگي سبب هڪ موت جي رپورٽ ٿي آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جا 77 نوان مريض داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ ڊينگي جا 54 نوان مريض داخل ڪيا ويا آهن.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ ڊينگي جي مريضن جو ڪل تعداد 109 تائين پهچي ويو آهي، ڪراچي ڊويزن ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ 32 نوان ڊينگي جا مريض داخل ڪيا ويا آهن، حيدرآباد جي سرڪاري اسپتالن ۾ 28 نوان ڊينگي جا مريض داخل ڪيا ويا آهن.رپورٽ موجب، صوبي جي سرڪاري ۽ خانگي ليبارٽرين ۾ 4,101 ماڻهن جي ڊينگي جي ٽيسٽ ڪئي وئي، ۽ ليبارٽري رپورٽن موجب، 449 ماڻهن جي ٽيسٽ مثبت آئي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي ليبارٽرين ۾ ڊينگي جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس، 215، رپورٽ ڪيا ويا آهن.










