سنڌ ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڊجيٽل سکيا پروگرام جاري

سنڌ ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڊجيٽل سکيا پروگرام جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڊجيٽل لرننگ پروگرام سنڌ ۾ جاري آهي، ۽ ٽئين پارٽي جائزي پروگرام جي بهترين ڪارڪردگي جي تصديق ڪئي آهي.ڪراچي ۾ ايڪسيليريٽڊ ڊجيٽل لرننگ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته راند تي ٻڌل سکيا خواندگي ۽ انگن اکرن ۾ واضح بهتري جو سبب بڻي آهي.هن چيو ته آئين موجب، ٻارن کي تعليم ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، اسان کي هر اسڪول کان ٻاهر ٻار کي ڊجيٽل مائڪرو اسڪول ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي.مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ايڪسيليريٽڊ ڊجيٽل لرننگ پروگرام آگسٽ 2023 ۾ شروع ڪيو ويو هو، جنهن جو موضوع گڏجي ترقي ڏانهن وڌڻ، سنڌ کي متحرڪ ڪرڻ هو.هن چيو ته اي ڊي ايل پي جو مقصد ڏورانهن علائقن ۾ معياري تعليم تائين برابر رسائي کي يقيني بڻائڻ آهي، هر اسڪول کان ٻاهر ٻار کي ڊجيٽل مائڪرو اسڪول ۾ شامل ڪرڻ.مراد علي شاهه چيو ته اي ڊي ايل پي ۾ 53.49 سيڪڙو ڇوڪريون ۽ 46.51 سيڪڙو ڇوڪرا شامل آهن، ۽ پروگرام سڀئي مقصد، سنگ ميل ۽ ٽائم لائنون مڪمل ڪري چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو