ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ هلندڙ سال دوران شروعاتي ٽن مهينن جي دوران ايڇ آءِ وي جا 694 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن ۾ 329 ٻار به شامل آهن.تفصيل موجب تازو ايندڙ انگن اکرن صحت جي مسئلن بابت سنگين خدشا پيدا ڪري ڇڏيا آهن سموري صوبي ۾ انفيڪشن جي روڪٿام ۽ ڪنٽرول ۾ مسلسل گهٽتائي کي اجاگر ڪيو ويو آهي.نئين رپورٽ ٿيل ڪيسز ۾ 332 مرد، 204 عورتون، 29 کدڙا فقير ۽ 14 سالن کان ننڍي عمر جا 329 ٻار به شامل آهن. صحت جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته وڌندڙ تعداد صحت جي سار سنڀال جي تحفظ ۽ ريگوليٽري نگراني ۾ نظامي ڪمزورين جي عڪاسي ڪري ٿي، خاص طور تي ڪراچي جهڙي وڏي شهري مرڪز ۾. ڪيسز جي هڪ مهيني واري بريڪ ڊائون مان خبر پئي ٿي ته جنوري 2026ع ۾ ايڇ آئي وي جا 294 نوان انفيڪشن رڪارڊ ڪيا ويا، انهي کان پوءِ فيبروري ۾ 324 ۽ مارچ ۾ 276 ڪيسز رڪارڊ ڪيا ويا جيڪي سموري صوبي ۾ وائرس جي مسلسل پکيڙ کي ظاهر ڪن ٿا.










