اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ بلدياتي چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ بابت جماعت اسلامي جي درخواست منظور ڪري ورتي. اليڪشن ڪميشن پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون شيڊول موجب 15 جنوري تي ٿينديون. اليڪشن ڪميشن ۾ ايم ڪيو ايم جو موقف هو ته چونڊن ۾ ڊبل ووٽر لسٽون استعمال ٿي رهيون آهن، ان ڪري نوان تڪ جوڙي هڪ ئي ووٽر لسٽ تي مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن.










