ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي 16 ضلعن ۾ مڪاني چونڊ جي ٻئي مرحلي جي غير حتمي غير سرڪاري نتيجن اچڻ جو سلسلو جاري آهي. ابتدائي اندازن موجب سنڌ ۾ مجموعي طور پيپلز پارٽي کي برتري حاصل رهي آهي. ڄامشورو ۾ ايس يو پي کي به ڪجهه سيٽون مليون آهن، دادو مان پي ٽي آءِ کي به هيڪڙ ٻيڪڙ سيٽون مليون آهن. بدين مان جي ڊي اي کي ڪجهه سيٽون مليون آهن. مختلف ضلعن مان ڪجهه آزاد اميدوار به ڪامياب ٿيا آهن. سنڌ جي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو. ڪراچي مان نتيجا اڃا رهيا آهن پر هي خبر فائيل ڪرڻ تائين جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي سڀني کان اڳتي هجڻ جون دعويدار آهن. ايم ڪيو ايم چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ ان سبب ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو. ڪجهه تجزيه ڪارن جو خيال آهي ته الطاف حسين جي بائيڪاٽ جي اپيل بعد ايم ڪيو ايم ٻڏتر جو شڪار رهي ڊپ کان بائيڪاٽ ڪيو.










