ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ لاڳو قلم 144 ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪئي وئي. صوبائي گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب هر قسم جي ميڙاڪي، جلسي، جلوس، ڌرڻي ۽ احتجاج تي پابندي هوندي. نوٽيفڪيشن موجب صوبي جي سڀني ضلعن ۾ قلم 144 تحت 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي رهندي، ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي ويندي. واضح رهي ته سنڌ ۾ 12 آڪٽوبر تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اڄ هڪ مهيني جي واڌ ڪئي وئي آهي.










