ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) عيد الفطر جي موقعي تي سنڌ حڪومت قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي.جيل کاتي قيدين جي سزا گهٽائڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ جي ڪيسن ۾ سزا يافته ماڻهو رليف جا اهل نه آهن.فرمان موجب، قتل، جاسوسي، يا رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين کي ڇوٽ نه ڏني ويندي.عمر قيد جي قيدين لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 15 سالن جي سزا گهٽ نه ڪئي ويندي.










