ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ لڱ ساڙيندڙ گرمي ماڻهن جون مَتيـُون مُنجهائي ڇڏيون، ڪراچي ۾ اپريل مهيني دوران پارو 28 ڊگري تي پهچڻ جو نئون رڪارڊ قائم ٿيو آهي حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، دادو ۽جيڪب آباد ۾ قهر جي گرمي آهي، جنهن سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن موسميات کاتي ڪاڙهي جي گرمي بعد پهرين ۽2 مئي تي تيز هوائن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي موسميات کاتي چيو آهي ته سنڌ ۾ تيز هوائن جو سلسلو سکر ۽ جيڪب آباد کان داخل ٿيندو، ڪراچي، حيدرآباد، شهيد بينظير آباد ۽ بدين سوڌو ڀرپاسي 2 مئي تي تيز هوائون گهُلنديون، تيز هوائن سان گڏ هلڪي برسات جو به امڪان آهي










