سنڌ ۾ سستو اٽو اڻلڀ، شهري پريشان، مختلف شهرن ۾ احتجاج

سنڌ ۾ سستو اٽو اڻلڀ، شهري پريشان، مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي(ڊيسڪ نيوز) سنڌ ۾ اٽي جو بحران جاري آهي، حڪومت پاران سستي اٽي جي فراهمي واريون دعوائون رڳو دعوائون آهن. گهوٽڪي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، دادو، نوشهروفيروز، ٺٽو، گهارو ۽ ٻين شهرن ۾ سستو اٽو اڻلڀ آهي ۽ شهري مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن. ڪشمور(رپورٽ اصغر علي چانڊيو )ڪشمور ۾ ڪڻڪ اٽي جي سرڪاري اگهه تي فراھمي نه ٿيڻ تي فلور ملز انتظامیہ ۽ فوڊ عملدارن خلاف ايس ٽي پي ڪارڪنن پريس ڪلب ڪشمور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ايس ٽي پي ڪارڪنن غلام حيدر کوسو جبار سولنگي رفيق احمد چنا غلام جيلاني منگي ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور ۾ دڪاندارن فوڊ انسپيڪٽرز ۽ فلور ملز مالڪن ملي ڀڳت ڪري اٽي جو هٿراڌو بحران پيدا ڪيو آهي ۽ ڪشمور شهر ۾ ڪڻڪ جو اٽو 140 روپيا في ڪلو وڪامي رهيو آهي غريب ماڻهو هڪ ويلي جي ماني کائڻ لاءّ پريشان آهن ڪشمور جي فلور ملز انتظامیہ پي آرسي خوراڪ سينٽر تان ھڪ لک مڻ ڪڻڪ خريد ڪئي ته سرڪاري اگهه تي شھرين کي ڏني ويندي جنهن باوجود شهرين کي فلور ملز طرفان ڪڻڪ جي اٽي جي فراهمي نٿي ڪئي وڃي ڪشمور جي ڊي ايف سي فوڊ طرفان مختلف ڪڻڪ جي واپارين سان ملي ڀڳت ڪري چڪي مشينن جا جعلي لائسنس جاري ڪري لکين مڻ ڪڻڪ ھڙپ ڪئي آهي ۽ سنڌ سرڪار جا وزير ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن ته سنڌ ۾ اٽو 65 روپيا في ڪلو جي حساب سان اٽو وڪامي رهيو آهي ڪٿي به سستو اٽو نٿو ملي غريب ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهو سخت پريشان آهن ايس ٽي پي ڪارڪنن ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي ۽ خوراڪ کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪڻڪ جو اٽو سرڪاري اگهه تي مھيا ڪري غريب ماڻهن کي ريليف ڏنو وڃي. ڏهرڪي (رپورٽ لالچند موٽواڻي ) ڏهرڪي ۾ اٽي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، سنڌ حڪومت ضلعي ۽ مقامي انتظاميا کي فوري طور تي اٽي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ سختي سان حڪم جاري ڪري، ڏھرڪي ۾ اٽي جو سنگين بحران پيدا ٿي ويو آهي، مقامي ۽ ضلعي انتظاميه خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي عوام کي سستو ۽ معياري اٽو فراهم ڪرڻ لاء ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي وئي آهي. ضلعي ۽ مقامي انتظاميا پاران عوام کي سستو ۽ معياري اٽو فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي پئي سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل سستي اٽي جا اسٽال پڻ ڪرپشن جي ور چڙهيل آهن، ۽ ڏهرڪي شهرين ۽ ڳوٺاڻن ۾ معياري اٽي جي کوٽ جو مسئلو سنگين بحران بڻجي ويو آهي، ضلعي ۽ مقامي انتظاميا عوام کي سستو ۽ معياري اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي جوڙي نه آهي جنهن سبب مزدور طبقو ۽ سفيد پوش ماڻهون مشڪلاتن کي منه ڏئي رهيا آهن ۽ نه ئي سستو اٽي جي فراهمي لاءِ انتظاماي پاان اسٽال لڳايا ويا آهن، جنهن ڪري ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقو مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته پورهيتن جي اڪثريت گهرن ۾ بک جي حالت ۾ آهي، اسسٽنث ڪمشنر ۽ مختيار ڪار ڏهرڪي پنهنجي آفيسن ۾ محدود ٿي ويا آهن ۽ عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي نه ٺاهي سگهيا آهن، دڪاندارن جي ڪرپشن سبب عوام اٽي جي بحران جو شڪار آهي، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته فوري اهم قدم کڻي. اٽي جي بحران ختم ڪيو وڃي جئين ڏھاڙي دار مزدور سُک جو ساھ کڻي سگهن. دادو(ن سنڌيار) پوري سنڌ جيان دادو ۾ اٽي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، منافع خور سرگرم، اٽو 120 روپيه ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو جڏهن ته ڪامورن دادو جي مسڪين ماروئڙن کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو، منافع خورن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي سنڌ سرڪار پاران اٽي جو سرڪاري اگهه 65 روپيه في ڪلو تي عمل نه ٿي سگهيو فوڊ کاتي پاران اٽي جي ملن ۽ چڪين لاءِ مقرر 26 هزار ٻورين جي ڪوٽا هجڻ باوجود غريب مسڪين ماروئڙن کي سرڪاري اگهه تي اٽو فراهم نه ٿيو دادو جا مسڪين ماروئڙا منافع خورن کان 120 روپيه ڪلو اٽو وٺڻ تي مجبور آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو