سنڌ ۾ سرڪاري ڪڻڪ سان مٽيءَ جي ملاوٽ جو انڪشاف

سنڌ ۾ سرڪاري ڪڻڪ سان مٽيءَ جي ملاوٽ جو انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ سرڪاري ڪڻڪ ۾ وڏي پيماني تي ملاوٽ جو انڪشاف ٿيو آهي.ذريعن موجب سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ سرڪاري ڪڻڪ جي غلط استعمال سان قومي خزاني کي نقصان پهتو، خوراڪ کاتي جي آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. گودامن ۾ پيل هزارين ٻوريون وزن پورو ڪرڻ لاءِ مٽي سان ڀريون ويون، بدين، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن جي گودامن ۾ سرڪاري ڪڻڪ جي غلط استعمال سان قومي خزاني کي نقصان پهتو.ڪڻڪ جي غلط استعمال جي الزام ۾ خوراڪ کاتي جي هڪ انسپيڪٽر کي برطرف ڪيو ويو، انسپيڪٽر تي 77 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ جو الزام آهي، ڊپٽي ڊائريڪٽر نعمت الله سميت 4 آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.خوراڪ کاتي جي 5 آفيسرن کي فائنل شوڪاز نوٽيس ڏنا ويا آهن، شهيد بينظير آباد ۾ 1600 ميٽرڪ ٽن سرڪاري ڪڻڪ جي غلط استعمال ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو