سنڌ ۾ اڱاري تي عام موڪل جو اعلان

سنڌ ۾ اڱاري تي عام موڪل جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت 12 ربيع الاول تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 17 سيپٽمبر اڱاري تي عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي صوبي ۾ عام موڪل هوندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اڱاري تي صوبي جا سمورا تعليمي ادارا ۽ سرڪاري آفيسون بند رهنديون. واضح رهي ته پنجاب حڪومت به 12 ربيع الاول تي عام موڪل جو اعلان ڪري چڪي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو