سنڌ ڪول اٿارٽي جا ماهر آفيسر چين ويندا: ناصر شاهه

سنڌ ڪول اٿارٽي جا ماهر آفيسر چين ويندا: ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي، رٿابندي ۽ ترقي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪول اٿارٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ٿرڪول بلاڪ 2 جي ڪوئلي جي سيمپل جي ڏکڻ آفريڪا کان حاصل ڪيل رپورٽ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. هن چيو ته ڏکڻ آفريقا جي ماهرن موجب ڪوئلي کي گئسيفڪيشن لاءِ انتهائي بهتر قرار ڏنو ويو آهي، ڪوئلي مان ڀاڻ، گيس ۽ ڊيزل حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ٿر جو ڪوئلو گيسيفڪيشن ذريعي پاور جنريشن لاءِ بهتر آهي. هن چيو ته توانائي کاتي سنڌ ڪول اٿارٽي جي ماهر آفيسرن تي مشتمل هڪ وفد کي چين موڪليو ويندو. سنڌ ڪول اٿارٽي جو وفد چائنا جي جديد گيسيفڪيشن پلانٽ جو جائزو وٺندو ته گيسي فڪيشن جو عمل معاشي ۽ ڪمرشل بنيادن تي بهتر آهي يا نه. هن وڌيڪ چيو ته وفد ٽيڪنالوجي جي منتقلي جي حوالي سان به تفصيلي جائزو وٺندو، گيسيفڪيشن جي صوبائي سطح تي به پاليسي بڻائڻ جي گذريل اجلاس ۾ فيصلي تي به تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو