سنڌ ڪابينا هيلٿ مئنيجمينٽ ڪيڊر جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا پنجاب ۽ ڪي پي جي طرز تي سنڌ جي صحت کاتي ۾ مئنيجمينٽ ڪيڊر جي منظوري ڏئي ڇڏي. هن ڪيڊر ۾ ڀرتي لاءِ پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽرز ڊگري وارن کي مقرر ڪيو ويندو. 18، 19 ۽ 20 گريڊ ۾ سڌي طرح ڀرتي ڪري سگهبي پر انهن گريڊن ۾ 60 سيڪڙو مقرريون 17 هين گريڊ وارن ڊاڪٽرن جي پروموشن سان ڪيون وينديون. ڪابينا رولز ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي،  ڪابينا لاڙڪاڻي جي 8 رورل هيلٿ سينٽر ۽ تعلقو اسپتال پي پي ايڇ آءِ کي ڏيڻ جي منظوري به ڏني. جن ۾ رتوديرو، باقراڻي، ۽ ڏوڪري جون تعلقا اسپتال شامل آهن. 50 بسترن واري ڳڙهي خدا بخش، 100 بيڊ واري  نئون ديرو اسپتال به انهن ۾ شامل آهن. رورل هيلٿ سينٽرز ۾ بنگل ديرو، باڊه ۽ ڳيريلو شامل آهن. ڪابينا پي پي ايڇ آءِ جي بورڊ جي نئين سر تشڪيل لاءِ امتياز شيخ جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي. سنڌ ڪابينا ايس اِي سي ايم سي کي 433.25 ايڪڙ زمين ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي جيڪا 36 ڪلوميٽرن تائين ڦهليل آهي. ان ۾ پائيپ لائن وڇائي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو