ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ڪراچي مان گم ٿيل 5 شهرين جي بازيابي لاءِ رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ سرڪاري وڪيل ۽ پوليس اهلڪار عدالت ۾ پيش ٿيا.پوليس ڇوڪريءَ سميت 5 گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پوليس ڪراچي جي مختلف علائقن مان ڇوڪريءَ سميت 5 گم ٿيل شهرين کي ڳولي لڌو آهي.پوليس رپورٽ موجب ڇوڪري تانيا پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي، جڏهن ته گم ٿيل شهري خادم، حماد، عمير عزيز ۽ معيز گهر واپس پهچي ويا آهن.پوليس رپورٽ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل پنجن ڄڻن جي بازيابي بابت درخواستون اڪلائي ڇڏيون.عدالت گم ٿيل نينگري فروا ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جو ٻار گم ٿي وڃي ته ان جي حالت ڏسو ۽ ٻار کي ڳوليو.ان موقعي تي پبلڪ پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته ڪجهه گم ٿيل ماڻهن جا خاندان پوليس سان رابطي ۾ ناهن. جي آءِ ٽي جي اجلاس ۾ گم ٿيل ماڻهن جا اڪثر خاندان به شرڪت نٿا ڪن، جنهن تي عدالت هدايت ڪئي ته گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن جي به ڳولا ڪئي وڃي جيڪي ڪيسن جي پيروي نه ڪري رهيا آهن.عدالت پوليس ۽ سرڪاري عملدارن کي هدايت ڪئي ته گم ٿيل شهري مطيع الله ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ جديد اوزار استعمال ڪيا وڃن.










