سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي جو قيام وقت جي اهم ضرورت آهي

سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي جو قيام وقت جي اهم ضرورت آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ سنڌ سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي (SMPA) جي قيام، ان جي مجوزه مسودي ۽ قانونسازي جي مختلف پهلوئن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو۔ اجلاس ۾ سيڪريٽري بلديات ڊاڪٽر وسيم شمشاد، لوڪل گورنمينٽ جي سڀني کاتن جا سربراهه، سنڌ ماسٽر پلاننگ جا ڊائريڪٽر شڪيل صديقي، ڊائريڪٽر ليگل اورنگزيب قائم خاني ۽ اين اي ڊي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نعمان سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي جو قيام سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ عمل ۾ آندو پيو وڃي ۽ هن اداري کي ڪراچي ماسٽر پلان ڊپارٽمينٽ ۽ حيدرآباد ٽائون پلاننگ ڊپارٽمينٽ کي ضم ڪري هڪ خودمختيار ۽ مؤثر پليٽ فارم بڻايو ويندو۔ ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته اٿارٽي جي قيام جو بنيادي مقصد صوبي ۾ مربوط، مضبوط ۽ خودمختيار شهري منصوبابندي جو فريم ورڪ تيار ڪرڻ آهي ته جيئن وڌندڙ آبادي ۽ شهري مسئلن جو سائنسي بنيادن تي حل ممڪن بڻائي سگهجي۔ هن وڌيڪ چيو ته نئين قانون تحت جديد شهري چئلينجز کي منهن ڏيڻ، واپاري برادري ۽ صنعتي شعبي کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ جامع حڪمت عملي ترتيب ڏني ويندي۔ اجلاس ۾ ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته مجوزه ايڪٽ تحت سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي کي صوبي ڀر ۾ علائقائي، ضلعي ۽ شهري سطح تي منصوبابندي جا اختيار حاصل هوندا، جڏهن ته زمين جا مالڪ سڀئي ادارا، بشمول ڪنٽونمينٽ بورڊز، پنهنجون ترقياتي سرگرميون ماسٽر پلان سان هم آهنگ ڪرڻ جا پابند هوندا۔ صوبائي وزير هدايت ڪئي ته ڪيترن سالن کان التوا ۾ پيل هن مسودي جي سموري قانوني جاچ جلد مڪمل ڪري ان کي سنڌ ڪابينا ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو وڃي، ۽ ڪابينا جي منظوري کان پوءِ بغير دير جي صوبائي اسيمبلي ۾ قانونسازي لاءِ موڪليو وڃي۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي ۾ جديد گهرجن مطابق اربن ڊيزائن اينڊ رينيول ۽ ڊيزائن بيورو جهڙا ٽيڪنيڪل شعبا پڻ شامل ڪيا ويندا ته جيئن منصوبابندي جو عمل وڌيڪ مؤثر ۽ جديد بڻجي سگهي۔ سيد ناصر حسين شاهه زور ڀريندي چيو ته سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي جو قيام وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ ان ذريعي صوبي ۾ بي ترتيب ۽ غير منظم شهري واڌ ويجهه جو خاتمو آڻي مستقبل لاءِ هڪ جامع، مربوط ۽ پائيدار ترقياتي نظام قائم ڪيو ويندو۔ اجلاس ۾ شهري ضرورتن، آبادي جي دٻاءُ، انفراسٽرڪچر جي بهتري ۽ جديد شهري سهولتن جي فراهمي بابت به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته ذريعن موجب حڪومت سنڌ هن منصوبي کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪري صوبي جي ترقياتي ڌانچي کي جديد گهرجن سان مطابقت ۾ آڻڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو