حيدرآباد (ن س) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ دشمن ۽ نسل پرست گورنر سنڌ کي هٽائڻ بابت وفاقي حڪومت جي فيصلي جي آجيان ڪجي ٿي. هن چيو ته سنڌ جي عوام ڊگهي عرصي کان اهڙي فيصلي جو انتظار ڪري رهي هئي، ڇو ته سنڌ خلاف تعصب ۽ نفرت تي ٻڌل پاليسين سبب صوبي ۾ بيچيني پيدا ٿي رهي هئي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌي قوم پنهنجي ڌرتي، سڃاڻپ ۽ حقن بابت انتهائي حساس آهي ۽ سنڌ دشمن روين کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي. هن چيو ته سنڌ جي وسيلن ۽ سڃاڻپ خلاف ٿيندڙ سازشن جو سنڌي قوم گڏجي مقابلو ڪندي.هن چيو ته 12 اپريل تي ڪراچي جي جناح گرائونڊ ۾ ٿيندڙ تاريخي جلسو سنڌي قوم جي وحدت، شعور ۽ طاقت جو مظاهرو هوندو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين ماڻهو ڪراچي پهچي دنيا کي اهو پيغام ڏيندا ته سنڌي قوم پنهنجي وجود، سڃاڻپ ۽ حقن جي تحفظ لاءِ متحد آهي ن اهڙن خيالن جو اظهار حيدرآباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪراچي ڊويزن ۽ سينيئر اڳواڻن گڏيل کي خطاب ڪندي ڪيو جلاس ۾ ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، قادر چنا، ڊاڪٽر سومار منڱريو، ڊاڪٽر مظهر ميمڻ، خير محمد مگسي، پيربخش بهلڪاڻي، شمشاد علي زهراڻي، رستم جمالي، شمس الدين زهراڻي، دوست علي مگسي، گل ملاح، اختيار سومرو، لعل جان بلوچ ۽ غلام محمد ٽگڙ سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.جلاس ۾ 12 اپريل تي ڪراچي جناح گرائونڊ ۾ ٿيندڙ جلسي جي تيارين بابت تفصيلي ڳالهه ٻوله ڪئي وئي ۽ جلسي کي هر لحاظ کان ڪامياب بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويو.اڪٽر قادر مگسي ڪارڪنن، نوجوانن، شاگردن ۽ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي ته هو وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري جلسي کي تاريخي بڻائين ۽ سنڌي قوم جي وجود جو احساس سڄي دنيا کي ڏيارين.










