ڪنڊيارو (ن س)سڄي سنڌ جيان جسقم جي مرڪزي سڏ تي بحريا ٽائون ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف ڪنڊيارو ۾ جسقم ڪارڪنن ھارون ڪلھوڙو سلطان گھانگھرو امداد ڪليري نجيب مڱريو سھيل گھانگھرو سڄڻ پيرزادو ۽ ٻين پاران پراڻي ٽائون ڪاميٽي کان احتجاجي ريلي ڪڍي اسٽار چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ۾ ڌاريا آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي سنڌ جي زمين تي بحريا ٽائون ۽ ٻيا سنڌ دشمن منصوبا جوڙي ڌاريا آباد ڪيا پيا وڃن جيڪو ڪنھن صورت برداشت نه ڪيو ويندو سنڌ خلاف ڪا به سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي ۽ سنڌ جي حقن لاء جدوجھد تان ڪڏھن به پوئتي نه ھٽنداسين ـ










