ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ اهم قدم کڻندي وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ قائم وزيراعليٰ عوامي شڪايت سيل (919) لاءِ وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن ۽ ترجمانن جي حاضري جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي ته جيئن شهرين جون شڪايتون سڌي ريت ٻڌي حل ڪيون وڃن. انهي سيل ۾ وزير، صلاحڪار ۽ ترجمان جون ڊيوٽيون مقرر ڪيون ويون آهن ته جيئن شهرين کي فوري رليف ملي سگهي. ڪمپلينٽ سيل صبح 9 وڳي ان شام 5 وڳي تائين فعال رهندو. جتي شهري سڌو سنئون حڪومتي نمائندن کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪري سگهندا. انهي مقصد جي لاءِ روزاني جي بنياد تي مختلف حڪومتي نمائندن جو باقاعده شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل سرڪيولر موجب ترجمان سيده عقربا فاطمه مختلف ڏينهن تي صبح 9 وڳي کان منجهند 1 وڳي تائين شڪايت سيل ۾ موجود رهندي، جڏهن ته ان کانپوءِ لاڳاپيل وزير ۽ خاص مددگار منجهند 1 وڳي کان شام 5 وڳي تائين عوام سان ملاقاتون ڪندا. شيڊول موجب 20 اپريل 2026 تي وزيراعليٰ جا خاص مددگار محمد رضا هارون، 12 مئي 2026 تي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ 2 جون 2026 تي صوبائي وزير شاهينه شير علي عوامي شڪايت سيل ۾ موجود رهندا. حڪومت جو چوڻ آهي ته هن قدم جو مقصد عوام کي سڌي رسائي فراهم ڪرڻ ۽ سندن مسئلن جي فوري حل کي يقيني بڻائڻ آهي. جڏهن ته مختلف ڏينهن جي لاءِ مقرر ڪيل شيڊول ۾ بلديات وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني ۽ ڊاڪٽر عذرا پيچوهو پڻ شامل آهن، ميئر ڪراچي سميت ٻيون اهم شخصيتون ۽ ترجمان به ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا. سنڌ حڪومت عوامي شڪايتن کي وقت تي حل ڪرڻ جي لاءِ اهو وڏو قدم کنيو آهي جتي شهرين کي رليف ڏيڻ جي لاءِ مانيٽرنگ جو نظام به متعارف ڪيو ويو آهي.










