سنڌ جي 45 مختلف خالي سيٽن تي ننڍي چونڊن جو شيڊول جاري

سنڌ جي 45 مختلف خالي سيٽن تي ننڍي چونڊن جو شيڊول جاري

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ جي 16 ضلعن جي 45 مختلف خالي سيٽن تي ننڍي مڪاني چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو۔اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ترجمان موجب 17 مئي تي حيدرآباد، سکر، ٽنڊوالهيار، ڄامشورو، مٽياري، دادو نوشهرو فيروز ۽ سانگهڙ ۾ مڪاني چونڊون ٿينديون، انهي کان علاوه گهوٽڪي، خيرپور، ٺٽو، بدين، سجاول، جيڪب آباد، ڪشمور ۽ شڪارپور ۾ به 17 مئي تي چونڊون ٿينديون. اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ترجمان پاران جاري ڪيل شيڊول موجب 2 اپريل 2026 تي ريٽرننگ آفيسر پبلڪ نوٽيس جاري ڪندا۔، 6 کان 8 اپريل تائين نامزدگي ڪاغذ وصول ۽ جمع ڪرايا ويندا۔ 13 کان 15 اپريل تائين نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ٿيندي۔ 16 اپريل تي اميدوارن جي شروعاتي فهرست جاري ڪئي ويندي۔ جڏهن ته 30 اپريل تائين نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهبا۔ترجمان موجب 4 مئي 2026 تي اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي ۽ چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا۔ پولنگ صبح 8 وڳي کان شام 4 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي۔

پهنجو تبصرو موڪليو