جان محمد سوسائٽي(غلام رسول مھر)جان محمد سوسائٽي ويجھو جميعت علماء اسلام يونٽ وڌڻ مھر پاران ڳوٺ وڌڻ مھر ۾ سالياني تاجدار مدينه ڪانفرنس ٿي گذري جنھن جا خاص مھمان جنرل سيڪريٽري جي يو آء صوبه سنڌ مولانه راشد محمود سومرو ھئا ،ڪانفرنس ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي،ڊپٽي جنرل سيڪريٽري جي يو آء پاڪستان مولانه محمد امجد خان ،مولانه عبيدالله ھاليجوي ،مولانه عبدالرحيم پٺاڻ،مولانه سراج احمد عباسي،مولانه عبدالمجيد چنو،مولانه اسحاق لغاري،مولانه غلام قادر مھر،حافظ نصرالله گبول ۽ ٻين خطاب ڪيو،جلسي ۾ ملڪ جي مشھور نعت خوانن پڻ حصو ورتو جن ۾ گلزار احمد چنه ،سفي الله ۽ ٻين پنھنجي مٺڙي آواز ۽ انداز سان حمد باري تعاليٰ ۽ نعت شريف ٻڌائي ،مولانه راشد محمود سومرو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو سنڌ جي ٻيٽن تي ڌارين کي قبضو نه ڪرڻ ڏيندا سين،ملڪ ۾ وڌندڙ بد امني جو زميوار حڪومت آھي،سنڌ ۾ نياڻين جون عزتون محفوظ ناھن ڏينھون ڏينھن معصوم نياڻين ۽ عورتن سان بدفعلي جاڪيس وڌندا وڃن ٿا،اسين مولانه فصل الرحمان سان گڏ آھيون لانگ مارچ ۾ پوري سنڌ مان ھزارين قافلا نڪرندا ،اليڪشن ۾ سرمائيدارن کي ڀڄايو۽ جي يو آء جو ساٿ ڏيو،منھنجو اوھان سان ھميشه ساٿ رھندو.جلسي ۾ اسلامي ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويا ھئا،جڏھن ته جلسي ۾ ورڪرن پاران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ھئا.جلسي ۾ ننگر جو پڻ بندوبست ڪيو ويو ھو،آخر۾ ملڪ جي سلامتي لاء دعا گھري وئي










