ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مختلف علائقن ۾ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري، ٽنڊو آدم، ڄام صاحب، دوڙ ۽ دريا خان مري ۾ وسڪارو، ٺارو شاهه، ڪنڊيارو، ڀريا سٽي ۽ ڀرپاسي برسات ٿي پکو، لعلو رائنڪ، گاجي کهاوڙ ۽ وارهه ۾ وسڪارو، رپڙي، کهڙا، فقيرآباد ۽ ڀرپاسي برسات، مواصلاتي نظام درهم برهم، هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، گذريل ٽن ڏينهن کان جاري برسات سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتي بيٺل آهي،پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري ماڻهن جي اهنج ۾ اضافو، ڪاڇي ۾ نئيون وهي اچڻ سبب 70 کان وڌيڪ ڳوٺن جو زميني رابطو ڪاٽا، برساتن سبب منڇر ڍنڍ جي سطح ۾ 3 فٽ اضافو ٿي ويو










