سنڌ جي سلامتي خاطر سڀني طبقن کي گڏجڻو پوندو، ادل

سنڌ جي سلامتي خاطر سڀني طبقن کي گڏجڻو پوندو، ادل

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌي قوم جي مڪمل سلامتي ۽ بقا خاطر سنڌيت جي ھڪ نقطي تي سڀني ادب دوست وطن پرست ۽ طبقاتي سماج خلاف ويڙھ ڪندڙن کي ھڪ ٿيڻو پوندو ۽ اھا موجودھ وقت جي اھم تقاضا پڻ آھي ـ اھڙو اظھار ناليواري شاعر ۽ دانشور ڊاڪٽر ادل سومري سکر سماجي ادبي فورم طرفان نامياري اديب ۽ ليکڪ رشيد ڀٽيء جي 87 ھين سالگرھ تقريب جي صدارت ڪندي ڪيو ـ ھن چيو ته اديبن ۽ ٻين شعبن جي ماڻھن وچ ۾ ڪمزور ڳانڍاپو آھي انھيء جو بنيادي سبب پڻ اسان جي سوچن وچ ۾ فاصلا آھن ـ  ھن چيو رشيد ڀٽي تمام وڏي شخصيت جو مالڪ ھو ـ ھن ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ ڪيئي ڪارناما سر انجام ڏنا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته  کيس ۽ ٻين سنڌ جي ھيروز بابت نئين نسل بلڪ پراڻي نسلن کي به  خبر ناھي جيڪا ڳالهه ڪنھن الميي کان گھٽ ناھي ـ ان موقعي تي  خاص مھمان سينئر شاعر بشير منگي  رشيد ڀٽي جي ننڍي ڀاءُ سميع ڀٽي ۽ صحافي مجيد نواز مغل فورم جي چيئرمين ارشاد پيرزادي ۔ غلام رسول گھمري۔ فيض سومري ۽ ٻين رشيد ڀٽيء جي شخصيت ادبي سياسي صحافتي ۽ سماجي ڪمن بابت ڳالھايندي چيو ته  رشيد ڀٽيء جھڙا مڙس ماڻھو صدين ۾ پيدا ٿيڻ ڏکيا آھن ـ ھن سموري ڄمار حق سچ ۽ پورھيت طبقي جي لاء ويڙھ ڪئي ۽ مرڻ گھڙيء تائين انھيء سنڌ دوست نظريي سان لاڳاپيل رھيو ـ تمام ترقي پسند سياست ڪندڙ ڌرين ۽ ادبي سماجي تنظيمن کي ھڪ ھنڌ گڏ ٿي ماضيء جيان ھن معاشري ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ـ جيڪو ساڳيو مشن کڻي رشيد ڀٽي ھليو ھو ـ اسان جي جدا جدا ٿيڻ سان مسئلا وڌيا آھن ۽ سنڌي قوم جي نجات جو رستو بند ٿيندي نظر اچڻ لڳو آھي ـ تقريب جي شروعات ۾ سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ جڏھن ته  ناليواري ترقي پسند ۽ قومپرست سياست دان مير حاصل بزنجو جي وفات تي 2 منٽن جي خاموشي اختار ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو